جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان ڳوٺ حاجي واحد رکيو ڏاھري، غلام علي مشوري، سائين بخش شاھي جي ڳوٺاڻن برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي امام بخش مشوري، چنيسر ڪوري ۽ راشد ڏاھري چيو ته ٽن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اڃا تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا ضلعي عملدار واھر ناهي ڪئي، هن چيو ته دانهن باوجود علائقي مان برساتي پاڻي نيڪال نه پيو ڪرايو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڪڍرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.