لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مدئجي شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ طلاق يافته عورت بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي عورت گل ناز ميراڻي دانهيو ته 4 سال اڳ منهنجي شادي محمد عرس گهانگهرو سان ٿئي هئي، شادي جي هڪ سال کان پوءِ مڙس منهنجي اجازت کان بغير ٻي شادي ڪئي، جنهن ڪري مون کانئنس طلاق ورتي. هن الزام لڳايو ته 6 سال اڳ پاڙي جي بااثر يونس ميراڻي ۽ سندس ڀاءُ عبدالحئي عرف عدل ميراڻي مون کي اغوا ڪرڻ بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، گذريل ڏينهن بااثرن گهر ۾ داخل ٿي مون مٿان   تشدد ڪندي منهنجي والد احمد بخش ميراڻي ۽ ڀاءُ محمد سومر ميراڻي کي کنڀي اوطاق تي وحشياڻو تشدد ڪيو، هن چيو ته جان جو خطرو آهي، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.