ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ ٻوڏ متاثرن کي راشن نه ملي سگهيو، من پسندن کي نوازڻ جو الزام، ان ڏس ۾ جسقم پاران ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  بھرام خان لھر ، ديدار عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بيگاري پل تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته حڪمران جماعت جي من پسند ماڻهن کي راشن ملي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن کي راشن ناهي ملي سگهيو، متاثر بکون ڪاٽي رهيا آهن، نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي.