ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو آهي ته صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ  سبب 1500 ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻ سنڌ ته پري پر وفاقي حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل 9 سيپٽمبر تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان اچي رهيو آهي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾  اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بيورو چيفس سان غير رسمي گڏجاڻي ۾ هن چيو ته منهنجو ڳوٺ منڇر ڍنڍ جي بند جي سطح وڌائڻ سبب ٻڏو آهي،  جيڪو 1976ع جي ٻوڏ ۾ به نه ٻڏو هو، اسان  ڌامراهه واھ کي ڪٽ ڏيون ها ته ميهڙ شهر به ٻڏي وڃي ها، هن  چيو ته  اسان ڪنهن به طريقي سان ڪنهن به شهر کي هٿرادو ناهي ٻوڙيو پر پاڻي جي لنگهن کي رستو ڏيڻ خاطر آبپاشي انجنيئرن جي صلاح سان ڪٽ لڳائڻ مجبوري هئي. هن چيو ته اسان جي پهرين ترجيح جولاءِ  2022ع وارو آبپاشي نظام بحال ڪرڻ آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪريان ٿو ته بحريا ٽائون جا 460 ارب رپيا سنڌ کي ڏنا وڃن، 60 سيڪڙو رقم ڪراچي خاص ڪري ملير تي لڳائي ويندي، باقي 40 سيڪڙو رقم ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪبي، 160 ارب رپيا قدرتي لنگهن کي بحال ڪرڻ تي استعمال ڪيا ويندا، وڏي وزير جو چوڻ هو ته هي منفي سياست جو وقت ناهي، ماڻهن جي زندگي بچائڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، هن وقت ملڪي ۽ غير ملڪي ڊونرن ۽ مددگارن جو اعتماد بحال ڪرڻ اهم آهي، 30 لک متاثرين  کي گهرن جي فراهمي، کاڌ خوراڪ، دوائن سميت ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ، چوپائي مال جو شعبي کي پيرن تي بيهارڻ ترجيحن ۾ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته گڏيل قومن کي متاثرن کي سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ مدد جي فراهمي بابت ٻيهر اپيل ڪنداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ ربيع جو فصل متاثر ٿيڻ نه ڏيون، ڪڻڪ جي پوکائيءَ ۾ اڃا گهڻو وقت آهي تيستائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو.هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل قومن جي هاءِ ڪميشن فار رفيوجيز  ليلا نگمانووا سام ملاقات ۾  چيو ته برساتن سبب 15 لک گهر ڊهي ويا،   لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. برسات سبب ٿيل نقصان جو صحيح اندازو سروي کانپوءِ ئي سامهون ايندو، هن چيو ته اسانکي هن وقت س 10 لک خيمن جي ضرورت آهي، گڏيل قومن جي هاءِ ڪميشن پي ڊي ايم اي سنڌ سان امدادي سامان جي فراهمي لاءِ معاهدو ڪري امدادي سامان جلد پهچائڻ جو يقين ڏياريو. انهي سامان ۾ 310000 ڪمبل، 76000 بالٽيون، 56500 جيري ڪينز، 18800 خيما، 67500 پلاسٽڪ جا ترپال، 112000 سمهڻ لاءِ بسترا، 150000 مڇردانيون، 140000 شمسي بتيون، 24700 ڪچن سيٽ، 32000 سينٽري نيپڪنس، 4500 صابڻ، 3500 ڊگنٽي ڪٽس شامل آهن. اهي شيون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پي ڊي ايم اي کي حوالي ڪيون وينديون، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏيل عرب امارات جي وفد عبدالله الجيبي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. وفدخاطري  ڪرائي ته گڏيل عرب امارات خيمن، چادرن، کاڌي پيتي جي شين ۽ بحاليءَ ۾ سنڌ جي عوام جي ڀرپور مدد ڪندو. هن چيو ته 10 سيپٽمبر تي دبئي ۾ پروگرام ڪرائي برسات متاثرن لاءِ مالي مدد گڏ ڪئي ويندي.