ڪراچي (م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين تي عالمي برادري هرجاڻو ڏئي، آلوده گيسز خارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو صرف 0.4 سيڪڙو آهي پر ماحولياتي تبديلي جو سڀ کان وڌيڪ پاڪستان کي آهي، هيومن رائيٽس ڪميشن تجويز ڏني ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان جا وسيلا پرڏيهي قرض جي ادائگي جهڙا ناهن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن.