اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ملڪ اندر ٻوڏ متاثر خاندانن کي 25 هزار روڪ امداد جي رقم 28 ارب رپين مان وڌائي 60 ارب رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان رقم جي شفاف طريقي سان فراهمي جي جائزي لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سنڌ ۾ امدادي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ فوري سنڌ روانو ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻوڏ تباهين جي جائزي لاءِ جوڙيل نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر بريفنگ ڏيندي خدشو ظاهر ڪيو ته ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيل 70 کان 80 سيڪڙو زرعي زمين کي ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي جي قابل نه بڻايو ويو ته ملڪ ۾ خوراڪ جو شديد بحران پيدا ٿي سگهي ٿوتفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، ڪابينا جي اجلاس ۾ يوم دفاع جي موقعي تي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي، وفاقي ڪابينا کي اين ڊي ايم اي ملڪ اندر ٻوڏ سبب ٿيل تباهي ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران جاري ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تازو آيل ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي، جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان صوبا بري طرح سان متاثر ٿيا آهن، 81 ضلعن جون 6615 يونين ڪائونسلون شديد متاثر ٿيون آهن، ٻوڏ ۾ بلوچستان جا 32، سنڌ جا 23، خيبر پختونخوا جا 15، گلگت جا 6 ۽ پنجاب جا 3 ضلعا متاثر ٿيا آهن، 14 جون کان هن وقت تائين پاڪستان ۾ گذريل 30 سالن جي ڀيٽ ۾ 190 سيڪڙو اضافي بارشون ٿيون، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ معمول کان 465 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 437 سيڪڙو وڌيڪ  برساتون ٿيون، ٻوڏ سبب هن وقت تائين 1325 ڄڻا فوت ٿيا آهن جن سنڌ صوبي اندر 522، خيبر پختونخوا ۾ 289، بلوچستان ۾ 260، پنجاب ۾ 189 فوتي شامل آهن، ڪل 12 هزار ماڻهو زخمي ٿيا، سنڌ صوبي ۾ زخمي ٿيندڙن جو تعداد 8321 آهي، ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ڪل 16 لک 88 هزار گهر متاثر ٿيا، 260 پليون، 5735 ڪلوميٽر روڊ ۽7 لک 50 هزار ڍور مري ويا آهن، وزيراعظم ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪجهه علائقن جيئن سوات ۾ انساني غفلت سبب تباهي آئي جتي درياهي علائقن ۾ غير قانوني طور تي هوٽل تعمير ڪيا ويا، وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان درياهي حدن ڀرسان زمين جي استعمال بابت لاڳاپيل قانونن ۽ ضابطن تي نئين سر عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته اسان کي سياست پاسو ڪرڻ گهرجي، ڪابينا کي نيشنل فلڊ اينڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر پاران ٻڌايو ويو ته هڪ اندازي مطابق ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيل ايراضي مان 80 کان 90 سيڪڙو ايراضي کي ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ خوراڪ جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ وقت تائين 20 ارب ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ تقسيم ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 8 ارب ايندڙ 3 ڏينهن ۾ متاثرن ۾ تقسيم ٿي ويندا، فلڊ رليف روڪ امداد 55 سيڪڙو بلوچستان ۾ تقسيم ٿي چڪي آهي، ڪابينا کي ريلوي ۽ هوابازي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي جون چارئي لائينون ٻوڏ جي پاڻي سبب سخت متاثر ٿيون، ڪوئيٽا، سبي وچ ۾ هڪ رابطي جي پل تباهه ٿيڻ سبب ريلوي آپريشن اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪابينا کي سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني، پ پ پ چيئرمين کي وزيراعظم يقين ڏياريو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي باهمي رابطن ۽ تعاون سان صوبائي حڪومتن کي ٻوڏ متاثر خاندانن کي خيما، مڇردانيون ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيون وينديون، وزيراعظم چيو آهي ته سنڌ صوبو ٻوڏ جي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ڪابينا کي ٻڌايو ته هن وقت تائين سنڌ صوبي کي 24 هزار خيما فراهم ڪيا ويا آهن، وزيراعظم چيو ته سياسي وابستگي کان بالاتر ٿي عوام جي خدمت لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جا تمام ادارا گڏجي ڪم ڪندا، هي ٻوڏ هڪ الميو آهي، جنهن سان سڀ گڏجي منهن ڏينداسين، وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 30 آگسٽ جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.