دادو/ سيوهڻ/ ڀان/ جوهي/ ميهڙ(نمائندن وٽان ) منڇر ۾ لاٿ اچڻ لڳي،  ايم اين وي ڊرين کي 50 فوٽ گهارو لڳڻ سبب 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، سيوهڻ دادو انڊس هاءِ وي کي بند ڪيو ويو جڏهن ته ميھڙکي خطرو برقرار آهي،  رنگ بند تي چئني پاسن کان دٻاءُ وڌي رهيو آهي،  جوهي رنگ بند تي پڻ  پاڻي جي وهڪري ۾تيزي اچي وئي. تفصيل موجب  ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي اوڀر سيوهڻ واري پاسي کان 50 فوٽ جو گهارو پئجي ويو آهي ، جيڪو رات دير تائين 300 کان 350 فوٽ تائين ٿي ويو آهي ، جنهن مان پاڻي جو وڏو وهڪرو تيزي سان ڳوٺن ڏانهن وڌي رهيو آهي ، ايم اين وي جي بند کي گهارو پوڻ کان 2 ڏينهن اڳ منڇر ۾ پاڻي جي سطح 24 فوٽ ٿيڻ تي باغ يوسف وٽان منڇر کي ڪٽ ڏنو ويو جنهن جي باوجود منڇر جي سطح ۾ گهٽتائي نه اچڻ تي منڇر کي ٻيو ڪٽ آر ڊي 52 وٽان ڏنو ويو هو ، ايم اين وي ڊرين جي بند کي لڳل گهاري مان وهندڙ پاڻي جي وهڪري علي حسن شاهاڻي ، اڪبر رودناڻي ، ڪنڊو خان بوزدار ، يوسف ٿيٻو ، الهرکيو رودناڻي ، ميرڻ ڀرٽ ، صالح ڀنڊ ۽ اڪتڙ سميت 30 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي اڳتي وڌي رهيو آهي ، گهاري مان وهندڙ پاڻي جي وهڪري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي ڳوٺ واهڙ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ گهاري مان ايندڙ پاڻي جي تيز وهڪري دادو ، ڄامشورو روڊ کي اور ٽاپ ڪري ڇڏيو آهي، ڇني ۽ ڀان سيدآباد روڊ کي پڻ پاڻي جي وهڪري ڪيترن ئي هنڌن تان اور ٽاپ ڪري ڇڏيو آهي ايم اين وي ڊرين بند کي گهاري واري هنڌان پهريان روڻيون پوڻ دوران منڇر جي زيرو پوائنٽ تي مقرر اهلڪار موٽر سائيڪل تي گذري رهيا هئا ته اهلڪار موٽر سائيڪل سميت گهاري ۾ هليا ويا جيڪي تيز وهڪري کان اڳ ئي جان بچائي ايم اين وي ڊرين جي بند تي چڙهي ويا پر سندن موٽر سائيڪل تيز وهڪري ۾ لڙهي وئي ، زيرو پوائنٽ سامهون ٻن ڪلو ميٽرن تائين ايم اين وي ڊرين جي بند جي حالت خراب هئڻ ڪري بند جو مرمتي ڪنسٽريڪشن حوالي ڪيو ويو ، جيڪي مرمتي ڪم اڌ ڇڏي هليا ويا آهن ، ايم اين وي ڊرين جي بند کي گهارو پوڻ کان اڳ ئي اڱاري جي رات کان ڄامشورو انتظاميا وينن ، مزدائن ۽ ٽرڪن ذريعي سوين خاندانن کي ڳوٺن مان کڻي رليف ڪئمپن ۾ پهچايو آهي ، ٻئي طرف خانپور ڀرسان ڪاري موري وٽ پاڻي جي وهڪرو جو دٻاءُ گهٽجي ناهي سگهيو ، تيز وهڪري جي پائڻ سبب پل جو هڪ پلر ۽ روڊ پٽجي ويو جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻن ، انتظاميا ۽ پوليس ڪرينون ذريعي بند کي لڙهڻ کان بچائي ورتو آهي ، ڪاري موري کان ڪمال خان موري تائين ايم اين وي ڊرين جي بند تي ٻوڏ جي پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي ناهي سگهيو جڏهن ته سيوھڻ جي 5 يوسيز جي ڳوٺن علي حسن شاهاڻي، ٿيٻا، خيرمحمد جمالي، رنگ، آباد، حسن علي آفندي، مهر، ڪنڊو خان بوزدار، قاسم بوزدار،رضامحمد گائينچو، ننگرخان بروهي، رمضان پنهيار، گرڪڻو، مولابخش ملاح، محمد ملوڪ ملاح، ور وارا ڀلائي، رئيس بنگل خان بوزدار، آراضي، بوبڪ، ملوڪ آباد، بختارپور، پڪا چنا، بچل چنا، سجاول ٽالپر، قادر بخش ڀلائي، رب ڏنو ڳنڀير، علي خاناڻا، دين محمد ڀلائي,عظيم بروھي، باغ يوسف، عبدالرحيم بڙدي سميت ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن ۽ لڏ پلاڻ وارو سلسلو جاري آھي جڏھن ته وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا پنھنجي گھرن جي حفاظت لاءِ  پنھنجي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ترسيل آھن. ٻئي طرف  منڇر جو ٻوڏ وارو پاڻي انڊس هاءِ وي روڊ کي اووٽ ٽاپ ٿيڻ بعد موٽروي پوليس پاران سيوهڻ دادو انڊس هاءِ وي روڊ کي مڪمل طور تي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته دادو کان حيدرآباد ويندڙ ماڻهو مورو کان مهراڻ نيشنل هاءِ وي وارو رستو اختيار ڪن، في الحال ٻوڏ سبب سيوهڻ دادو انڊس هاءِ وي روڊ ٻوڏ وارو پاڻي لهڻ تائين مڪمل طور تي بند رهندو. هوڏانهن  ميھڙ شھر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار آھي، پاڻي جو رنگ بند کي چئني پاسن کان دٻاءُ وڌي رهيو آهي جنھن سبب ميھڙ سٽي ھوٽل   ۽ ٻرڙا رائيس مل ڀرسان رنگ بند کي روڻيون لڳڻ سبب پاڻي ٻرڙا پيٽرول پمپ، رائيس مل سميت ميھڙ ڊگري ڪاليج سامھون باءِ پاس وٽ انڊس ھاءِ وي جو ھڪ پاسو پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، جڏھن ته شھرين ۽ نوجوانن پھچي روڻي بند ڪري ورتي آھي، ميھڙ رنگ بند کي پاڻي شھر جي چئني پاسن کان سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب ميھڙ جو 4 کان پنج شھرن ڏانھن ويندڙ لنڪ روڊ به پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آھن ميھڙ شھر ۾ ٻوڏ جي خوف سبب شھري توڙي آس پاس جي علائقن جا رھواسي محفوظ ھنڌن ڏانھن لڏپلاڻ ٿيڻ لڳا آھن ٻئي طرف جوهي ۾ رنگ بند تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي  جوهي ڊگري ڪاليج جي رنگ بند ۽ ايم اين وي ڊرين جي وچ تي پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي اچي وئي، ڳوٺاڻن موجب ته سڄي ڏينهن پاڻي ۾ 2 انچ چاڙھ ٿيو آھي،

پنگريو/ ملڪاڻي (نمائندن وٽان): پنگريو ڀرسان ايم ايم ڊي پراڻ ندي کي لڳل گھارو 9 ڏينھن به بند نه ٿي سگھيو،4 يونين ڪائونسلن حيات خاصخيلي، ملڪاڻي، سمن سرڪار،  جرڪس جا ھڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙڻ کانپوءِ  يوسي پير بودلو ڏانھن پاڻي وڌڻ لڳو، آخري رڪاوٽ شادي سمال واهه جي بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي رھيو آھي، جنھن سان ڳوٺ  25واٽر عثمان درس، مائي ڀاڳي، ڀيلڻ  غلام علي چڍڙ الھبخش آرئين سميت وڌيڪ 20ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، جنھن ڪري ڳوٺاڻا مٿانھين وارن ھنڌن ڏانھن لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن، ھوڏانھن پنگريو شھر کي شادي سمال واهه جي بند ٽٽڻ جي صورت ۾ ٻڏڻ جو خطرو جيئن جو تيئن موجود آھي. ٻئي طرف ملڪاڻي شريف لڳ جرڪس شاخ جي مختلف گهارن 20 ڳوٺ ٻوڙي ڪچا گهر ڪيرائي فصل لوڙهي ڇڏيا آهن، ڳوٺ فياض شاهه راشدي سائين ڏنو جوڻيجو سيد الله ڏنو شاهه ميانداد چانڊيو ٻنگار سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيا آهن، ڳوٺ فياض شاه هراشدي جا ڳوٺاڻان پنهنجي ٻچن جي روضي فصل کي گهاري جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ  عورتن معصوم ٻارن سميت پنهنجي  مدد پاڻ ڪم ڪري رهيا آهن.