ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته رليف ڪيمپن ۾ روزانو 70 هزار مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جولاءِ کان هن وقت تائين 8 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ڪيمپن ۾ 16 هزار کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڊائريا، ساهه جي تڪليف ۽ چمڙي جي بيمارين جي شڪايتون وڌيڪ آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيمپن ۾ ڊاڪٽرن جي تعداد وڌايون،  ڪورونا ڊيوٽي ڏيندڙ ڊاڪٽرن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي،  اسانجا 32 موبائل يونٽس ۽ ميڊيڪل ڪيمپون ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  ٻوڏ سبب صوبي ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، تيار فصل تباهه ٿي ويا، سنڌ ۾ 1200 کان وڌيڪ صحت مرڪز پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، اسان جو انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، اسان جي ڪميونيڪيشن جون سهولتون ختم ٿي چڪيون آهن، هن وقت  سياست کان مٿانهون ٿي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو وقت آهي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ايندڙ ڳورهارين عورتن کي اسپتالن تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته يونيسيف طرفان دوائون موڪليون ويون آهن، جن جي اڄ کان سپلاءِ پڻ شروع ٿي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ گهڻو آهي پر هن وقت تائين ڪا به فوتگي رپورٽ ناهي ٿي، هن چيو ته هر ضلعي ۾ هڪ وزير مقرر ٿيل آهي، مون پنهنجي ضلعي جو دورو ڪيو آهي، منهنجو ڪم هدايتون جاري ڪرڻ آهي، آئون مڃان ٿي ته فيلڊ ۾ ناهيان، هر جاءِ پهچي نٿي سگھان. هن چيو ته ڪراچي ۾ آيل بيمار متاثرن کي اسپتال پهچايو پيو وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جون ايمبولينسون هر مريض کي اسپتال پهچائين، هن چيو ته نانگ ڪکڻ جا 112 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،اسان وٽ اينٽي اسنيڪ ويڪسين موجود آهي، اسان چاهيون ٿا ته عالمي ادارا هن ڏکئي وقت ۾ اسان جي مدد ڪن. ماڻهن کي چيو آهي ته تباهه ٿيل ادارا اسان کان واپس وٺن ۽ انهن کي ٻيهر ٺاهي ڏين.