لاهور (م ڊ) نواز ليگ نائب صدر مريم نواز ادارن تي حملا ڪرڻ تي تحريڪ انصاف چيئرمين تي تنقيد ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته عمران خان جو پاڪستان جي حوالي سان موقف مشروط آهي، عمران خان جو موقف آهي ته فوج غيرجانبدار رهي ته هو ان تي گند اڇلائيندو. مريم نواز چيو ته عمران خان جو موقف آهي ته اليڪشن ڪميشن پرڏيهي فنڊنگ جي چوري بي نقاب ڪئي ته ان جي ديانتداري تي حملو ڪندو، اسان کي ان لعنت کي منهن ڏيڻو آهي.