برازيل (دلچسپ نيوز) برازيل ۾ هڪ مهم دوران ڪروڙين سال پراڻي ٽي ريڪس نالي مشهور ڊائنا سور جي باقيات هٿ ڪئي وئي آهي جنهن جو قد 7 فٽ هو. برازيل ۾ هٿ ڪيل 23 ڪروڙ سال پراڻو هي ڊائنا سور پنهنجي شڪار جون هڏيون به چٻاڙي ڇڏيندو هو.محققين موجب هن خوفناڪ مخلوق جو تعلق واڳوئن جي خاندان سان آهي ۽ هي ٽي ريڪس جي نالي سان سڃاتا ويندا هئا. هن ڊائنوموسوچس کولسينس) جا 4 پير هوندا هئا پر هي خاص طور تي ڀڄڻ جي لاءِ پنهنجي پوين پيرن جو استعمال ڪندو هو جڏهن ته هن جا طاقتور ڏند ۽ چنبا جسم کي ڦاڙي ڇڏڻ جي صلاحيت رکندا هئا. ڏکڻ برازيل ۾ اگوڊو جي هنڌ هن خطرناڪ ڊائنوسار جي باقيات هٿ ڪئي وئي آهي.مهم جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته هن ڊائناسور کي بون ڪرشر جو نالو ڏنو ويو آهي هن جا نوڪيلا ڏند گوشت کائڻ ۾ ان جي مدد ڪندا هوندا پران جي چڪ هڻڻ جي رفتار ڪافي هلڪي هوندي جنهن سان اهو چئي سگهجي ٿو ته هي شايد مرده جانور ئي کائيندو هجي.ٻين ڊائناسور جن جو قد 5 فٽ هوندو هو ان جي مقابلي ۾ هي وڌيڪ وڏو هوندو هو ۽ ان لاءِ ان ڊائنا سور جو ان وقت دنيا ۾ رهندڙ ٻين جانورن جي مقابلي ۾ وڏو جانور مڃيو ويندو هو.