نيويارڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ وهاڻي اندران هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا نڪري آيا، خريدار واپس ڪري ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي مشي گن رياست ۾ هاورڊ نالي شهري هڪ اسٽور مان وهاڻو خريد ڪيو، استعمال دوران کيس ان ۾ ڪجهه انوکي شيءَ محسوس ٿي، هارورڊ وهاڻي جو جائزو وٺڻ لاءِ ان کي ڦاڙيو ته حيران ٿي ويو، ان ۾ 43 هزار 170 ڊالر(هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا) پيل هئا. ان حوالي سان هارورڊ پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مون هڪ فرنيچر اسٽور تان استعمال ٿيل وهاڻو خريد ڪيو ۽ ڪجهه هفتا ان کي استعمال ڪيو.هاورڊ ٻڌايو ته وهاڻي ۾ ڪجهه ڌار محسوس ٿيندو هو. ڪجهه هفتا گذرڻ کانپوءِ مون وهاڻي جو جائز وٺڻ جو سوچيو ته ان وهاڻي ۾ ڪجهه ڌار ڇو محسوس ٿي رهيو آهي. جنهن کان پوءِ وهاڻي کي کولڻ سان حيران ٿي ويس ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪيترائي ڊالر نظر آيا جڏهن هن ان کي ڳڻڻ شروع ڪيو ته اهي 43 هزار 170 ڊالر هئا.هاورڊ ٻڌايو ته هڪ وڪيل چيو ته اوهان وٽ ته ان پئسن کي پاڻ وٽ رکڻ جو اختيار آهي پر ان جي باوجود مون ان اسٽور سان رابطو ڪيو ته جيئن ان رقم جي مالڪ جي خبر پئجي سگهي. هن ان رقم جي مالڪ جو پتو لڳايو ته خبر پئي ته هن وهاڻي جو مالڪ تازو ئي فوت ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هن اها رقم مرحوم مالڪ جي پوٽي ڪم فائوٿ جي حوالي ڪري ڇڏي. جڏهن ته مرحوم جي پوٽي ان حوالي سان چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو بالڪل اندازو نه هو ته ڏاڏي ايتري وڏي رقم وهاڻي ۾ رکي هوندي.