واشنگٽن (دلچسپ نيوز) هڪ آمريڪي ڪنوار شادي ۾ ايندڙ مهمانن کان داخلا فيس(انٽري فيس) وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ان جي شادي جا خرچ پورا ٿي سگهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هڪ آمريڪي ڪنوار پنهنجي شادي جي تقريب ۾ ايندڙ ماڻهن کان پئسا گهري ورتا ته جيئن ايندڙ مهمان خاص مهمانن جي فهرست ۾ شامل ٿي وڃن.تازو ئي هڪ 19 ساله ڪنوار جي سئوٽ ريڊ اٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته منهنجي سئوٽ جي شادي ٿيڻ واري آهي ۽ ان اعلان ڪيو آهي ته مان پنهنجي شادي ۾ ايندڙ مهمانن کان 50 ڊالر جي رقم وٺندس.ڇوڪري پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته شادي ۾ ايندڙ مهمان مون کي پئسا آن لائن ايپ جي ذريعي موڪلي سگهن ٿا جنهن سان ڪنهن کي به پريشاني نه ٿيندي جنهن کان پوءِ جيڪو شخص مون کي پئسا ڏيندو مان ان کي خاص مهمانن جي فهرست ۾ شامل ڪندس.