لاس ويگاس (دلچسپ نيوز) اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن خاص ڪانٽيڪٽ لينس سان اوهان اونداهي ۾ به ڏسي سگهندو. روڊ کان اڳيان جي رستي جي خبر به وٺي سگهندو.ڪنهن به جڳهه جو احوال ۽ پتو ڪري سگهو ٿا پر سموري ڄاڻ سڌو سنئون اوهان جي اکين تي لهندي جنهن جي لاءِ ڪنهن عينڪ جي ضرورت نه پوندي. اوهان هلندي ڦرندي موسم جو حال، راند جو احوال، اسٽاڪ جو بيان، سرڪاري فرمان ۽ عالمي معاملن واريون خبرون پنهنجي اکين ۾ ئي پڙهي سگهندو. جيڪڏهن لينس کي اکين جي ويجهو آڻي ڏٺو وڃي ته ان ۾ ننڍا روشن لفظ ڏسي سگهجن ٿا جيڪي لينس پائڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ان سان گڏ دل جي ڌڙڪن ۽ جسماني ڪيفيت به ظاهر ڪندو آهي.ان کان علاوه جيڪڏهن اوهان ڪنهن اڻڄاڻ رستي تي هلي رهيا آهيو ته لينس اڳيان جو رستو ۽ رڪاوٽن کان به آگاهه ڪري سگهندو. ان جي تياري ۾ تمام گهڻيون ڪمپنيون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن جن مان گوگل، ايميزون، زيئس ۽ فلپس وغيره شامل آهن.هن ڪمپنين ملي ايڪيهين صدي جو حقيقي ڪانٽيڪٽ لينس ڊيزائن ڪيو آهي جنهن ۾ هر طرح جون سهولتون موجود هونديون پر اڃان هي لينس بازار ۾ موجود ناهي ڇو ته ايف ڊي اي طرفان هينئر تائين ان کي سرٽيفڪيٽ ناهي ملي سگهيو.