پيرس (دلچسپ نيوز) ڪنوارن لاءِ دنيا جو ٽيون نمبر مهانگو 2 ارب 31 ڪروڙ رپين وارو وڳو تيار ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ عروسي ڪپڙن جي هڪ عالمي نمائش ۾ دنيا جو ٽيون نمبر قيمتي وڳو پيش ڪيو ويو، خوبصورت وڳي جي قيمت 2 ارب 31 ڪروڙ رپيا رکي وئي، ان ۾ ڪيترائي هيرا ۽ قيمتي پٿر لڳايا ويا، مصري ڊزائنر هائي البهيري پاران ڊزائن ڪيل ان قيمتي وڳي کي دنيا جو ٽيون مهانگو وڳو قرار ڏنو ويو، هلڪي سرمئي جھاري واري ريشمي آرگنزا سان ٺاهيل وڳي جي تياري تي 800 ڪلاڪ لڳايا ويا، ان حوالي سان مصري ڊيزائنر هائي البهيري پيرس ۾ اورنٽل فيشن شو دوران پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ان گائون جو آرڊر هڪ امير مصري فيملي ڏنو هو. واضح رهي ته دنيا جي سڀني کان مهانگي ترين لباس(نائٽ انگيل آف ڪوالالمپور“ ملائيشيا جي ڊيزائنر 2009 ۾ تيار ڪيو هو جنهن جي قيمت 4 ارب 63 ڪروڙ روپين هئي.ان مهانگي ترين لباس ۾ 751 هيرا ۽ قيمتي پٿر لڳل هئا جن جو مجموعي وزن 1100 قيراط هو. ٻئي طرف دنيا جو ٻيون مهانگو ترين لباس عبايا ڊريس برطانوي ڊيزائنر 2013 ۾ ٺاهيو هو جنهن جي قيمت 2 ارب 73 ڪروڙ روپيه هئي.