بدين، (رپورٽر) ملڪ ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان ئي بدين ۾ عام واھپي جي شين جا اگھه به چوٽ چڙھي ويا. شھر جي واپارين روزمره جي شين اٽو، چانور،گيھ، آئل، داليون،چڻا،  سبزيون،  گوشت،جا آگھ پنھنجي مرضي جا مقرر ڪري ڇڏيا آھن چونڊيل نمائيندا، ضلعي حڪومت، مارڪيٽ ڪميٽين جا عملدارغائب ٿي ويا آهن. گذريل رات تيل اگھن ۾ واڌ کانپُءِ واپارين ھڪ ئي رات ۾ اٽي جو اگھه 3200سئو مان 3400 سئو روپيه في مڻ مرغي 460 مان 480 روپيه في ڪلو پٽاٽا 40 مان پنجاھ بصر 80 گوار 140 ميھا 140ڀينڊي 150 روپيه في ڪلو ڪري ڇڏيو آهي جڏھن ته صوف 360 انگور 400 کجور 360 ڄمون 160 ۽ انب 120کان 180روپيہ في ڪلو ڪري عوام مٿان منھنگائي جو بم ڪرائيندي مصيبتن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي، جڏھن ته ذريعن کان اھو به معلوم ٿيو آھي تہ مارڪيٽ ڪاميٽي ۽ آفيسرن کي شھر جا با اثر واپاري پنھنجو حصو پتي ڏيئي خاموش ڪرايو ويٺا آھن، ھوڏانھن شھرين مقدر عباس، زبيرجوڻيجو، عزيز سومرو، عاشق علي راھمون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھنن حڪمرانن مان رحم ختم ٿي ويو آھي جنھن جي ڪري غريب عوام مٿان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي، ھنن چيو ته ھن وقت حڪومت ۾سڀ چور گڏ ويٺل آھن انصاف جي گھر ڪنھن کان ڪريون، تنھن ڪري ھاڻي صرف پاڪ فوج جي آرمي چيف کان مطالبو ٿاڪريون ته ملڪ کي بچائڻ لاء قدم کڻي ھن ظالم حڪمرانن کي گھر ڀيڙو ڪري غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ کان بچايو وڃي،