ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ کير جي اگهه ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي، کير جو في ڪلو 160 کان 180 رپين  تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري غريب طبقي کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته کير جا ريٽ مهانگا ٿيڻ سبب هوٽلن تي چانهہ جي اگهن ۾ بہ اضافو ٿي ويو آهي، شهر جي مختلف هوٽلن تي چانهه جو ڪوپ 40 مان وڌائي 50 ۽ 55 روپيا ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور طبقو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي، ان سلسلي مالوند ماڻهن جو چوڻ آهي تہ کير مهانگو ڪرڻ جو سبب مينهن جي کاڌ خوراڪ جو سامان مهانگو ٿيڻ آهي، چوپائي مال کي کٽي، ڇلهہ، ڏارو،بهہ کارائيندا آهيون، مال جي کاڌ خوراڪ جو سامان مهانگو ٿيڻ سبب اسان کير جا اگهہ وڌايا آهن، جيڪڏهن حڪومت چوپائي مال جي کاڌخوراڪ جي سامان جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪندي تہ کير جا ريٽ گهٽ ٿيندا، هوٽلن مالڪن جو چوڻ آهي تہ کير، پتي، کنڊ جا اگهہ وڌي ويا آهن ان جي ڪري چانهہ جي ڪوپ جي رقم ۾ 10 روپيا اضافو ڪيو ويو آهي، شهرين احتشام ميمڻ، عاشق بروهي، ذوالقرنين مينگل، فيضان خشڪ ۽ ٻين وڏي وزير سيد مرادعلي شاه کان مطالبو ڪيو تہ کير جا اگهہ گهٽائڻ لاء فوري طور تي قدم کنيا وڃن.