حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حالي روڊ جي گدامن مان خراب ڪڻڪ ملڻ واري معاملي تي سيڪريٽري خوراڪ پاران جوڙيل  2 رڪني ڪاميٽي پهچي گدامن جي صورتحال جو جائزو ورتو جڏهن ته سيل ڪيل گدامن مان مٽي، پٿر، ڪچرو ۽ بهه مليل ڪڻڪ جا سيمپل حاصل ڪري ٽيسٽن لاءِ مختلف ليبارٽرين ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن. گذريل ڏينهن ميرپورخاص مان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خرم چنا، مٽياري مان ڊي ايف سي احسان الله ڪوري، اي ڊي سي ٽو قائم اڪبر نمائي سان گڏجي حالي روڊ گدام پهتا جتي انهن عارضي طور سيل ڪيل گدامن جون سيلون کولي گدام نمبر 22 ۽ 23 ۾ رکيل ڪڻڪ جون ٻوريون چيڪ ڪيون جتان سيمپل به حاصل ڪيا. رابطو ڪرڻ تي اي ڊي سي ٽو قائم اڪبر نمائي تصديق ڪئي ته سيڪريٽري خوراڪ پاران جوڙيل ڪميٽي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ اٽي چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن حاجي محمد ميمڻ ۽ ٻين ڪمشنر نديم الرحمان کي شڪايت ڪئي هئي ته حالي روڊ ۾ قائم فوڊ گرين جي گدامن ۾ رکيل ڪڻڪ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. اڪثر ڪڻڪ جي ٻورين ۾ ڪڻڪ بدران مٽي، ڪچرو، پٿر ۽ بهه ڀريل آهي جنهن تي ڪمشنر نوٽيس وٺندي ڊي سي فواد غفار سومرو کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي.