سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ پ پ اميدوارن يوسف جاگيراڻي  ۽ نبي بخش جسڪاڻيءَ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. ڪنگري تعلقي جي آزاد اميدوار شھباز ڏنو جو نامزدگي فارم بحال، فارم رد ڪندڙ آر او مٿان 25  ھزار روپيا ڏنڊ. تفصيل موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ڪنڌرا جي پ پ اميدوار محمد يوسف جاگيراڻي ۽ ضلعي ڪائونسل اميدوار نبي بخش جسڪاڻيءَ جا نامزدگي فارم رد ڪرڻ لاءِ داخل درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته يوسف جاگيراڻي ۽ نبي بخش جسڪاڻيءَ جا نامزدگي فارم بحال رکڻ جو فيصلو ٻڌايو. ڄاڻايل اميدوارن خلاف مخالف اميدوارن طرفان نامزدگي فارم رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون ھيون. جڏھن ته خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪنگريءَ ۾ يوسي چيئرمين جي آزاد اميداور طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ شھباز ڏنو ڪانڌڙو جو نامزدگي فارم بحال ڪندي آر او مٿان 25 ھزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آھي.