حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يونين ڪاميٽين ۽ 640 وارڊن لاءِ مجموعي طور تي 4 هزار 194 اميدوارن نامزدگي فارم داخل ڪيا آهن. 26 رٽرننگ آفيسرن پاران اڄ کان ٽن ڏينهن تائين ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد جي انگن اکرن مطابق هڪ کان 6 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ مجموعي طور 142 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا. اهڙي طرح 7 کان 12 يونين ڪاميٽين جي آر او  وٽ 168، 13 کان 18 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 105، 19 کان 24 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 204، 25 کان 30 يونين ڪاميٽين جي آر او 187، 31 کان 36 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 195، 37 کان 42 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 141، 43 کان 48 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 204، 49 کان 54 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 185، 55 کان 62 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 114، 63 کان 70 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 166، 71 کان 76 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 112، 77 کان 82 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 72، 83 کان 87 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 113، 88 کان 94 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 170، 95 کان 100 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 146، 101 کان 106 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 270، 107 کان 112 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 201، 113 کان 118 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 2018، 119 کان 124 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 230، 125 کان 130 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 150، 131 کان 136 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 182، 137 کان 142 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 146، 143 کان 148 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 128، 149 کان 154 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 126 ۽ 155 کان 160 يونين ڪاميٽين جي آر او وٽ 119 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن. مجموعي طور 160 يونين ڪاميٽين ۽ 640 وارڊن لاءِ 4 هزار 194 نامزدگي فارم جمع ٿيا آهن جن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو اڄ کان شروع ٿيندو ۽ اهو سلسلو ساندهه 3 ڏينهن جاري رهندو.