بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو ڳوٺ ڪوڙائي ۾ مسوري، گولا ۽ بنگوار برادري جي ٽن ڌرين ۾ موٽرسائيڪل پنچر ڪڍرائڻ جي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ڌرين پاران ھڪٻي مٿان لٺين جو وسڪارو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ ٽنھي ڌرين جا مسمات شھزادي، رابيا، ارباب خاتون،خميسو مسوري، مراد مسوري، ڪيھر مسوري، محمد سليم مسوري، دودو بنگوار، نياز علي بنگوار، معشوق گولو سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.