ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ميرپورخاص روڊ تي مکڻ سمن ڳوٺ ويجهو ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ ڏيپلو واسي 3 نوجوانن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ڏيپلو جي ڳوٺ لياکڙو واسي امام الدين نهڙيو. مقبول نهڙيو. محمد اسحاق نهڙيو سميت 5 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته معجزاڻي طور ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. جڏهن ته ٻنهي ڪارن جو ڪافي نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو.