ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) ٽنڊو ڄام لڳ ٽنڊو قيصر ۾ قائم ويڪسين سينيٽر تي عملو نه پهچي سگهيو، ويڪسين ڪرائڻ لاءِ آيل سرڪاري ملازمن پاران ويڪسين سينٽر تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪورونا کان بچاء جي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ مختلف کاتن جا ڪيترائي سرڪاري ملازم تي جمع ٿي ويا، اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري سرڪاري ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ملازمن چيو ته سينٽر قائم ته ٿيو آهي پر عملو موجود ناهي، اسان ويڪسين ڪرائڻ لاءِ روز چڪر ڪاٽي رهيا آهيون.