بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور لڳ 4 ڏينهن اڳ المرتضيٰ ڪانٽي وٽ آئل ايجنسي کي يو پي ايس مان باهه لڳڻ سبب 3 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا هئا، جن مان فوجي نوجوان مراد علي چاچڙ پنو عاقل ڇانوڻي جي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، نوجوان جو مڙھ ضروري ڪارروائي بعد پنوعاقل مان ايمبولنس ذريعي اباڻي ڳوٺ سجاول چاچڙ آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.