لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد پاڙي جي رهواسڻ هندو ناري 4 اپريل تي مبينا طور گهران نڪري مذهب مٽائي ڪراچي ۾ نوجوان محمد فواد سان پسند جي شادي ڪندڙ آرتي عرف عائشه واري معاملي بابت نوجوان محمد فواد جي پيءُ ڊاڪٽر ابصار پنهنجي وڪيل معرفت ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نياز حسين سومرو جي عدالت ۾ 552 جي درخواست داخل ڪرائيندي نڪاح نامون پيش ڪيو، جنهن تي ناري جي پيءُ ڊاڪٽر نامون مل طرفان وڪيل نثار احمد ابڙو نڪاح نامي تي اعتراض واريندي دليل ڏنا ته سرٽيفڪيٽن موجب آرتي جي عمر 16 کان 17 سال آهي، جڏهن ته داخل ڪرايل نڪاح نامي تي شاهدن جون صحيحون به ناهن، تنهن ڪري نڪاح نامي کي ڪوڙو قرار ڏيندي آرتي کي سندس والدين حوالي ڪيو وڃي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد اڄ تائين درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف مليل ڄاڻ موجب هندو ناري سان پرڻو ڪندڙ محمد فواد جي پيءُ ڊاڪٽر ابصار آرتي عرف عائشه سان دارالامان ۾ پهچي ملاقات ڪئي آھي، جڏهن ته ناري جي وارثن به پڻ عدالت کي اهڙي درخواست ڏني ته آرتي سان ملايو وڃي پر عدالت پاران اهڙو ليٽر جاري نه ڪيو ويو هو.