ٺري ميرواھ (ن پ ا) ميرواھ ڪئنال ۾ راند ڪندي ٻڏي فوت ٿيل ٺري ميرواھ جي ڳوٺ قائم شاھ واسي 8 ورهين جي نينگر مجيب پٽ عارف علي جوڳي جو لاش مقامي ٽوٻن جي مدد سان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽمهون واھ وٽان هٿ ڪيو ويو نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ياد رهي ته گذريل 2 ڏينهن اڳ راند ڪندي نينگر ڳوٺ ٻاهران ميرواھ ڪئنال جي ڪپ راند ڪندي پير ترڪڻ سبب ٻُڏي فوت ٿيو هيو.