بخشاپور (ن پ ا) ڳوٺ نصير بنگوار واسي ٻن هارين کي گبلو پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن لعلو بنگوار، جعفر بنگوار، نصير بنگوار، سانول بنگوار، صدورو بنگوار ۽ ٿهيم بنگوار احتجاج ڪندي چيو ته چار ڏينهن اڳ رفيق احمد ۽ رشيد بنگوار کي ڳاڙهي موري واري علائقي مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته گبلو پوليس ٻنهي نوجوانن کي آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ لک ٽيهه هزار رشوت گهري آهي، نوجوانن مٿان ڪنهن به قسم جو ڪيس داخل آهي ته کين ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو وڃي، خدشو آهي ته گبلو پوليس ٻنهي ڄڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هاف فرا ڪري ڇڏيندي. هوڏانهن گبلو ٿاڻي جي ايس ايچ او پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوانن جي باري ۾ ڄاڻ ڪونهي سموري ضلعي جي پوليس گشت ڪندي رهي ٿي جيڪڏهن انهن گرفتار ڪيو آهي ته مون کي انهن جي باري ۾ به ڪو علم ڪونهي