قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ڀرسان جمال شاهه لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٽرڪ ٽڪرائجي ويون حادثي سبب ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ ٽرڪ مزدور سانگھڙ روڊ نوابشاھ جو رھواسي محمد قاسم شيخ ڦاسي پيو قاضي احمد پوليس بروقت پھچي ڪرين ذريعي زخمي کي ٻاھر ڪڍي ايڌي ايمبولنس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته قاضي احمد پوليس ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.