لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) بلوچستان جي شهر ڊيرا الهيار ويجهو جهٽ پٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عمراڻي ڀرسان مبينا طور موٽرسائيڪل ڦر دوران هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان غلام جان مغيري کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي سندس سئوٽ زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي جي سئوٽ گلاب خان مغيري ٻڌايو ته پنهنجي سئوٽ غلام جان مغيري سان گڏجي ڳوٺ کان موٽرسائيڪل تي ڪم سانگي ڊيرا الهيار شهر وڃي رهيا هئاسين ته ڳوٺ ڀرسان غلام محمد بروهي موٽرسائيڪل جو رستو روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتي مزاحمت تي هن گوليون هڻي سئوٽ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو اهڙو اطلاع اسان جهٽ پٽ ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس جوابدار خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي. هن مطالبو ڪيو ته سئوٽ کي زخمي ڪندڙ هٿياربند کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.