باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه جي وارڊ نمبر 4 جي رهواسين استاد قربان نوناري، حافظ غلام رسول سنجراڻي، بخشل کوکر، احمد بشير نوناري ۽ دودوديشي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته باڊھه جي 14 وارڊن مان 13 وارڊن ۾ ٻه کان ٽي ٽرانسفارمر لڳل آهن پر صرف اسان  جي وارڊ نمبر 4 جي ماڻهن کي ئي ٽرانسفارمر نٿو ڏنو وڃي.ڪهر جي گرمي سبب پريشان آھيون، چونڊيل نمائندا توجهه نه پيا ڏين. ھنن وڌيڪ چيو ته هر ڀيري اليڪشن دوران پ پ توڙي ٻين پارٽين جي اڳواڻن ووٽ وٺڻ مهل وڏا وڏا واعدا ڪيا پر اڄ تائين اهي واعدا وفا نه ٿيا آهن ۽ اڄ به اسان مشڪل واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون هنن وڌيڪ چيو ته هن دفعي اسان جو ووٽ صرف ان پارٽي لاءِ هوندو جيڪا پارٽي اسان کي ٽرانسفارمر هڻائي ڏيندي.