مٺي ( رپورٽر ) مٺي جي عدالت اڳوڻي تعلقي ناظم ۽ پ پ پ جي باغي اڳواڻ  عبدالغني کوسو ۽ سندس 7 حامين جي گذريل رات داخل ڪيل وڌيڪ ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ  واري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن پاران پوليس گردي،امڪاني ڌانڌلين ۽ انتقامي ڪاررواين خلاف سڀاڻي 19 جون تي ننگرپارڪر ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آھي ان ڏس ۾ عبدالغني کوسو ۽ سندس رشتيدارن توڙي حامين مٿان ننگرپارڪر ٿاڻي تي گذريل رات دستبردار ٿيل آزاد اميدوار  جڳشي ڪولهي جي گهر تي حملي ۽ فائرنگ جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ نامزد عبدالغني کوسو ۽ سندس حامي عدالت ۾ پهتا ته سندن گرفتاري لاء ڪورٽ ٻاهران پوليس جي وڏن اٽالن گهيرو ڪري ورتو هو،مٺي جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ باغي اڳواڻ عبدالغني کوسو ۽ سندس 7 رشتيدارن ۽ حامين محمد رحيم کوسو، عبدالغفور کوسو، مانسنگھ ٺڪر،  چترو مل، ماڏان سنگھ، محمد ايوب ۽ ٻين جي 30_ 30 هزار روپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب انور جبار چيو آهي  ته ٿر ۾ مڪاني چونڊون فوج ۽ رينجرس جي نگراني ۾ ڪرائي پوليس گردي بند ڪئي وڃي سڀاڻي 19 جون تي ننگرپارڪر ۾ زيادتين ۽ انتقامي ڪاررواين توڙي ڌانڌلين خلاف تاريخي ڌرڻو هڻنداسين ۽ پرامن احتجاج تي رڪاوٽون وڌيون ويون ته حالتن جي ذميواري موجوده ڊي سي ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر مٿان هوندي.