کپرو (ن پ ا) کپرو شهر جي راشديا ڪالوني، ديوان ڪالوني ۽ ڇوٽو ڳوٺ جي رهواسين واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه پهچڻ خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو، ان موقعي تي حاجي آصف جٽ، شوڪت جٽ ۽ اشرف جٽ چيو وڏي عرصي کان ڪالونين ۾ پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، هنن  چيو ته بار بار شڪايتن باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پبلڪ هيلٿ ۽ ٽائون ڪاميٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته لوڊشيڊنگ ۽ وولٽيج گهٽ اچڻ سبب هيوي موٽر نٿا هلن جنهن ڪري پاڻي جي سپلاءِ بندآھي،