لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوا چوندو هو ايندڙ وارو ن ليگ جو اچي رهيو آهي، انهن کي اين آر او ون مشرف ڏئي ڇڏيو ۽ اين آر او ٽو جنرل باجوا ڏنو. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته مان راڻا ثناءُ الله جي ڳالهين کي ڪڏهن سنجيده ناهي ورتو، ڊسمبر ۾ ئي اسيمبليون ٽوڙينداسين، معيشت مٿي کڻڻي آهي ته سياسي استحڪام هجڻ گهرجي، جنهن لاءِ چونڊون ضروري آهن، اهي 10 مهينن کانپوءِ چونڊون ڪرائين يا هڪ سال کانپوءِ هارائي ويندا. سندس موجب پرويز الاهي جو خيال آهي ته حڪومت ڪجهه وقت اڃا هلڻ گهرجي، هن خاطري ڪرائي آهي ته منهنجو هر چوڻ ڪندو، پرويز الاهي ٻيهر وڏو وزير بڻائڻ جو ڪو مطالبو نه رکيو. هن چيو ته اسان سان 7 مهينن ۾ جيڪو ٿيو، ان ۾ جنرل (ر) باجوا جون پاليسيون رهيون، جنرل (ر) باجوا چيو هو ته عثمان بوزدار کي هٽايو، هو عليم خان کي وڏو وزير بڻائڻ جو چوندو هو، سندس بوزدار کي هٽائڻ جو مطالبو عجيب هو، عليم خان جو نالو ورتو ويو ته پرويز الاهي چيو هو ان کي سپورٽ نه ڪندو، مان چيو عليم خان تي وڏا الزام آهن، کيس وڏو وزير نٿو بڻائي سگهان.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو حڪومت تبديل ڪرڻ ۾ ملوث هئا، اهي سڀ مير جعفر ۽ مير صادق آهن، اسان جي حڪومت وئي ته سڀني سوچيو هاڻ ماڻهو مٺايون ورهائيندا، هنن سوچيو ته منهنجي سياست ختم ٿي وئي، جنرل (ر) باجوا چوندو هو ته پي ٽي آءِ کان ڪير ٽڪيٽ نه وٺندو ۽ ايندڙ وارو ن ليگ جو اچي رهيو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته انهن جي سڀ کان وڏي ڪوشش مون کي نااهل ڪرائڻ آهي، نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ان جا ڪيس ختم ٿي وڃن ۽ مان نااهل ٿي وڃان، ڪيس ختم ٿيڻ تائين نواز شريف نه موٽندو، جيڪڏهن نواز شريف پنجاب ۾ آيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته لوٽن ۽ غدارن کي عوام چونڊن ۾ سزا ڏني، جنرل (ر) باجوا شهباز شريف کي جينيئس سمجهندو هو، هي ڊيلي ميل کان ڪيس کٽي نه ويا آهن کٽين ها ته ڊيلي ميل کي پئسا ڀرڻا پون ها. فنڊن تي معافي اين آر او ملڻ جي ڪري ورتي آهي. هن چيو ته جنرل باجوا ڪرپشن کي خراب نه سمجهندو هو.  نيب جنرل (ر) باجوا جي هيٺان هئي، نيب ذريعي ڪنهن کي اندر يا ٻاهر ڪرائڻ اسان جي هٿ ۾ نه هو، اسان وٽ اختيار ئي نه هو، جن کي اختيار هو، انهن هنن کي رليف ڏنو، اسان کي چيو ويندو هو ته احتساب کي ڇڏيو معيشت کي ڏسو.هن چيو ته اميد آهي ته نئون آرمي چيف باجوه جي پاليسي کي ڇڏي ڏيندو.ڪنهن به جمهوري حڪومت ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي، ان سان فوج عوام کان ڌار ٿي وئي آهي. فوج چوي ٿي ته نيوٽرل آهي ته نيوٽرل رهي. عمران چيو ته فيصل واوڊا پاڻ سان ظلم ڪيو، جيڪي ماڻهو لوٽا ٿيا آهن اسان سان غداري ڪئي عوام انهن کي چونڊن ۾ سزا ڏني. هن چيو ته ذات لاءِ سياست ڪريان ها ته سڀني کان بدلو وٺان ها وري وزيراعظم ٿيس ته نوازشريف جي باري ۾ اهو ڪندس جيڪو قانون جي حڪمراني ۾ ٿيندو آهي. انصاف قائم ڪيو ويندو. تڏهن ئي ملڪ اٿندو نه ته ملڪ کي هنن حالتن مان ڪو به نه ٿو ڪڍي سگهي.