اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مخالفن جي چوڻ سان ملڪ جو ڏيوالو نه ٿيندو، معيشت سنئين دڳ تي اچي وئي آهي، اسلام آباد ۾ پنهنجي مان ۾ ڏنل مانجهاندي دوران ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته مخالف دنيا کي فرضي ڪرپشن جا قصا ٻڌائي سيڙپڪاري جا رستا بند ڪري رهيا آهن، جنهن رفتار سان اسان هلي رهيا هئاسين، جي 20 جو حصو بڻجون ها پر اڄ اسان جي معيشت دنيا ۾ 46هين نمبر تي وڃي پهتي آهي. هن چيو ته 2013 ۾ به چيو ويو ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي ويندو پر اسان محنت ڪئي، 5 ڏينهن ۾ بجيٽ ڏني ۽ ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، اسحاق ڊار چيو ته معيشت جي حوالي سان اڳوڻو دور ملڪ جو ڪارو ترين دور هو، معيشت تي وڌيڪ تجربا نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته مخالف سياست لاءِ غير سنجيده بيان ڏئي رهيا آهن، جنهن سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي، مالي انتظام بهتر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مان 5 سال جلا وطن رهيس، دهشتگردن جهڙو ورتاءُ ڪيو ويو.