حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن کاتي ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ڏيڻ خلاف داخل توهين جي عدالت جي درخواست تي اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن کاتي جي سيڪريٽري ۽ ريجنل ڊائريڪٽر کي نوٽيس جاري ڪندي کين 30 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. محمد سلطان نالي نوجوان وڪيل نعمان سهتو معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته سندس والد ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن کاتي ۾ ملازم هو جنهن جي فوت ٿيڻ بعد ڪوٽا تي ملازمت فراهم ناهي ڪئي. ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل احمد راجپوت، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن ۽ ريجنل ڊائريڪٽر پيش ٿيا. جسٽس محمود اي خان چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان عدالتي حڪم تي عمل ڇو ناهي ڪيو؟ چيف سيڪريٽري چيو ته ڄاڻايل معاملو هن کان اڳ جو آهي. عملدارن جي وڪيل ٻڌايو ته فوتي ڪوٽا جي پاليسي 2002ع کان لاڳو ٿي آهي. ڄاڻايل ملازم 1991ع ۾ فوت ٿيو ان لاءِ سندس پٽ ملازمت لاءِ پاليسي جي زمري ۾ نه ٿو اچي ۽ کاتي معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي ان لاءِ کين مهلت ڏني وڃي. پٽيشنر جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته جڏهن ملازم فوت ٿيو ته سندس ٻار ننڍا هئا جيڪي 2007ع ۾ جوان ٿيا آهن ان لاءِ پاليسي جي زمري ۾ اچن ٿا ۽ لاڳاپيل عدالت اڳوڻن عملدارن کي گهرائي کانئن پڇاڻو ڪري ته انهن حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ لاءِ عملدارن کي توهين عدالت جا نوٽيس اماڻي ڇڏيا آهن.