ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا)گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي رانوتي ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيل ميرواھ گورچاڻي جي ڳوٺ ٻورجي واسي سب انسپيڪٽر شھيد دين محمد لغاري کي  اعزاز ڏيڻ لاءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر پاران تعلقه ٿاڻي ۽ ٻيلهاڙو شاخ پوليس پوسٽ جو نالو تبديل ڪري شهيد دين محمد لغاري جي نالي سان منسوب ڪيو،اڄ اهڙي تقريب جو افتتاح ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد اقبال ڪيو، تقريب ۾  شهيد دين محمد لغاري جي وارثن، ڳوٺاڻن ،سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل برادري ۽ لغاري برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊي آءِ جي   ذوالفقار مهر چيو ته سنڌ پوليس جي شهيدن عوام جي جان مال جي حفاظت لاءِ لازوال قربانيون ڏئي تاريخ رقم ڪئي آهي، رانوتي واقعي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن کي هميشه سنهري لفظن سان ياد ڪيو ويندو.ٻئي پاسي بلڊر چوڌري نظام الدين آرائين شهيد ايس ايس ايچ او دين محمد لغاري جي پٽ بلاول لغاري کي بحرين سٽي ميرپورخاص ۾ پلاٽ گفٽ ڪيو. پيپلزپارٽي اڳواڻ غلام قادر مري پاران 5 لک رپيا روڪ رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.