مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ هوت خان بھراڻي ۾ 12 ورهين جي نينگري ع ڌيءُ محمد عيسيٰ بھراڻي مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، نينگري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف نينگري جي وارثن جو چوڻ ھو ته نينگري جو ذھني توازن درست نه ھو، جنھن کي امڙ دڙڪا ڏنا، جنھن تي ناراض ٿي هن ڦاھو کاڌو آھي.