نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار هڪ مريض ناريءَ جي دل جي پيوندڪاري لاءِ 15 لک انڊين رپيا عطيو ڏنو آهي. اڪشي ڪمار مٿان ڪينيڊين شهريت رکڻ سبب اڪثر تنقيد ٿيندي رهندي آهي پر ڪوبه ماڻهو ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته اهو انهن فنڪارن مان آهي جيڪي ضرورتمند ماڻهن جي مدد لاءِ هميشه اڳيان ايندا آهن. اداڪار هڪ ڀيرو وري پنهنجي سخاوت سبب ميڊيا جي سرخين ۾ آهي، جڏهن اڪشي ڪمار کي علم ٿيو ته دهلي ۾ هڪ 25 سالن جي ڇوڪري کي دل جي پيوندڪاري لاءِ فوري طور تي پئسن جي ضرورت آهي ته هن ان لاءِ 15 لک رپين جي امداد ڏني آهي. مريض ناريءَ جي ڏاڏي يوگندرا موجب اڪشي ڪمار کي اسان جي ضرورت بابت ڊاڪٽر چندرا پراڪاش ذريعي علم ٿيو ۽ هن مدد جو فيصلو ڪيو. يوگندرا وڌيڪ چيو ته هاڻي اسان کي صرف هڪ دل جي ڊونر جي ڳولا آهي، پيوندڪاري بابت باقي سمورا انتظام ٿي چڪا آهن. 55 سالن جو اداڪار اڪشي ڪمار آخري ڀيرو فلم “رام سيتو” ۾ نظر آيو هو جيڪا آڪٽوبر 2022ع ۾ رليز ٿي هئي.