ڦل(ن پ ا) يڪتاري ۽ چپڙي جي بيتاج بادشاهه لوڪ فنڪار مرحوم جلال چانڊيو جي 22 ورسي سگا شاخ ڦل، جلال چانڊيو جي فرزندن ۽ شاگرد فنڪارن مداحن طرفان سندس آخري آرامگاهه ڦل شهر ۾ سادگي سان ملهائي وئي. سگا اڳواڻ پروفيسر بخش علي چانڊيو، خالد ميمڻ، سلطان ڦل، امداد ملاح، سيد اسلم شاهه، انيس الرحمان ڦل، رياض چانڊيو ۽ فنڪارن شريف زرداري، عزيزالله شاهه، قلندر جلال، دلبر جلال چانڊيو، عبدالڪريم سمون ۽ سندس مداح سيد خدا ڏنو شاهه سندس مزار تي چادر چاڙهي گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي جلال چانڊيو جي ايثال ثواب لاءِ دعائون گهريون ويون. جڏهن ته فنڪارن صوفي ڪلام ڳائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. فنڪارن ثقافت کاتي سنڌ طرفان جلال چانڊيو جي ورسي نه ملهائڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ثقافت کاتي کي گهرجي ته جلال چانڊيو جي سرڪاري طور هرسال ورسي سندس آخري آرامگاهه ڦل شهر ۾ ملهائي وڃي.