ڪولاراڊو (انٽرسٽنگ نيوز) بولڊر شهر ۾ هڪ مڪمل طور تي مقفل ٽرڪ مان پنج مهانگيون ترين پينٽنگز چوري ٿي ويون آهن پوليس طرفان پينٽنگز جي ڳولاجاري آهي. انهن 5 پينٽنگز جي قيمت 4 لک ڊالر هئي جيڪي پاڪستاني رپين ۾ 9 ڪروڙ 12 لک رپيا ٿين ٿا. شهري انتظاميا موجب اهي پينٽنگ 14 ڊسمبر جي شام کان وٺي صبح جي وچ ۾ چوري ٿيون آهن.  ٽرڪ ڊرائيور ۽ ان جو ٻيو عملو شام جو هڪ هوٽل تي بيٺا هئا. جڏهن صبح اهي ٽرڪ تي پهتا ته هن جو مضبوطي سان بند ڪيل دروازو ۽ تالا وغيره ٽٽل هو. خبر پئي ته اندر رکيل پنج ئي پينٽنگ ۽ ان سان گڏ اوزار به غائب آهن. ٽرانسپورٽ اسٽاف موجب خزاني ۾ آمريڪي فنڪار ارنسٽ مارٽن هيننگز جي مشهور تخليق “لگونا پيبلو” به موجود هئي. ان کان علاوه جوزف هنري شارپ جي تخليق “ويوز آف ٽائوس پيبلو“ ايلن ڊي ڪوننگ، جين فرائليشر ۽ اينگر ارونگ ڪوز جو اهم ڪم به شامل هو. انهن تصويرن ۾ لينڊ اسڪيپ پينٽنگ به شامل هئي. پر آفيسرن اهو ناهي ٻڌايو ته قيمتي تصويرون ڪهڙي ميوزيم مان ورتيون ويون هيون ۽ ڪيڏانهن موڪليون پيون وڃن.