اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان علي نواز واھ جي آرڊي 40 وٽان منڍ جا آبادگار پائيپ هڻي لفٽ مشينون لڳائي آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان منڍ جا آبادگار پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پاڻي کوٽ سبب پڇڙي ۾ فصل سڪڻ لڳا آهن، پاڻي چوري ۾ ملوث آبادگارن نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي چيو ته اسان جون زمينون واھ جي پاڻي ليول کان مٿي آهن واھ پڪا ٿيڻ سبب پاڻي پورو نه پيو ٿئي جنهن سبب اسان آبپاشي عملدارن کي پئسا ڏنا آهن اسان لفٽ مشينون بند نه ڪنداسين.