قاضي احمد (ن پ ا) 18 مھينا اڳ ڳوٺ حاجي اسماعيل ڀنڊ مان پراسرار نموني گم ٿيل ويل قاضي احمد واسي 43 ورهين جي پورهيت حاجي بخشڻ ڀنڊ جو اڃا تائين پتو پئجي ناھي سگهيو، ان حوالي سان گم ٿيل پورهيت جي گهرواري سرداره خاتون سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ ۾ مڙس جي اغوا بعد قتل جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عورت جي درخواست تي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته ڳوٺاڻي کي ھر صورت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي زنده يا مرده پيش ڪيو وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 21 اپريل تي ايس ايس پي مٽياري سميت ٻين پوليس عملدارن کي طلب ڪري ورتو آهي. ٻي طرف عدالتي حڪم بعد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، ان حوالي سان پوليس گم ڄاڻايل حاجي بخشڻ ڀنڊ جي وارثن سان ملي سندن بيان قلم بند ڪيا آهن.