رمضان المبارڪ مهينو: سنڌ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل

0
464

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، روزيدار توڙي شهري پريشانين ۾ وٺجي ويا، انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا، فروٽ توڙي، مرغي ۽ گوشت جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن،جيڪب آباد ۾ رمضان جو مهينو شروع ٿيندي ئي دڪاندارن سبزين، فروٽ ۽ عام واھپي جي شين جا اگهه پنھنجا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، سبزي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پٽاٽا 50 رپيا، توري 150 رپيا، ڀينڊي 160 رپيا، ڪريلا 160، ليمون 800 رپيا ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته فروٽ جا اگهه ڪيلا درزن 100 رپيا، صوف ڪلو 300 کان 400 سئو رپيا، چيڪو 250 رپيا، کجور 400 رپيا ڪلو، نارنگي 150 رپيا ڪلو، ھنداڻو 60 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته عام واھپي جي شين کنڊ 120 رپيا ڪلو، اٽو 70 رپيا ڪلو، تيل 280 ليٽر، ڳاڙهي مرچ 600 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪاسائي گوشت جو من پسند اگهه وٺي رھيا آھن، ننڍو گوشت 13 سئو رپيا، وڏو گوشت 550 رپيا، مرغي 420 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. سيوھڻ جي مقامي توڙي ضلعي انتظاميا پاران رمضان شريف جي مهيني ۾ شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪرڻ باوجودو به منافعي خور واپارين شين جا ھٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن.ان ڏس ۾ ڪڪڙ جو گوشت400 مان 450 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. کجي 150رپيا اضافي بعد 650 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. اهڙي ريت ٽماٽو 30 رپين مان وڌي 40، بصر 30 رپين مان وڌي 40، پٽاٽا 30 رپين مان وڌي 40 رپيا في ڪلو ٿي ويا آهن. اهڙي ريت 50 کان 80 ۾ ملندڙ ڀينڊيون 100 رپيا في ڪلو، ميها 80 رپين مان 100 رپيا، توريون 80 کان 120 رپيا، ليمان 500 رپين مان وڌي 650 رپيا في ڪلو جا ٿي ويا آهن. دڪاندارن رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا کنڊ 100 رپيا في ڪلو ، دال مصور 160 في ڪلو ،دال منگ 260 في ڪلو ،آٽو في ڪلو 60 رپيا ، کجهور في ڪلو 200 کان 300 رپيا،آئل 280 کان 300 رپيافي ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو, هنڌاڻو ، 60 کان 70 رپيا في ڪلو ، گدرو في ڪلو 60 رپيا ، صوف 200 رپيا ، چڪو 200 رپيا، وڪرو ٿيڻ لڳا, ڀينڊيون 70 کان 80 رپيا ڪلو ،گوهار 200 کان 220 رپيا ڪلو ، ول ٿوري 70 کان 80 رپيا ڪلو، ميها 70 کان 80 رپيا ڪلو ، ڪريلا ، 100 رپيا ، ساوا مرچ 100 رپيا ڪلو ، آلو 50 رپيا ڪلو ، مرغي 500 کان 600 ٻاڪرو گوشت 1200 رپيا وڏو گوشت 800 کان هزار رپيا في ڪلو وڪري ٿيڻ لڳو .