سڪرنڊ (ن پ ا) رمضان شروع ٿيندي ئي سڪرنڊ ۾ حيسڪو عملدارن بجلي جي لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، شهر ۾روزانو 12 کان 16 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ ڪري ڪاروبار ٺپ آهي، جڏهن ته بجلي بندش سبب شهري ۽ روزيدار سخت پريشان آهن، ان حوالي سان جي يو آءِ اڳواڻ عبدالرشيد پرهياڙ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته شهر ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب سخت پريشان آهيون، بجلي تي هلندڙ ڪاروبار ٺپ آهي، هنن چيوته شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي اڻ علانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.