اڏيرولال (ن پ ا) اڏيرولال وليج ٿاڻي جي ڳوٺ خليفو يارمحمد شاهه ۾ هڪ هي رات 3 چوري جون وارداتون ٿيون آهن، چور ولو پنهور ، وزير پنهور پريم باگڙي جا گهر ٻهاري ويا. ڳوٺاڻن ولو پنهور ۽ ٻين چيو ته نامعلوم چور رات جو گهر کي کاٽ هڻي گهرن ۾ پيل 45 هزار روڪ رقم ، سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن اسان ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين کان مطالبو ٿا ڪيون ته نوٽيس وٺي اسان جو چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ، جڏهن ته اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد ۾ گذريل هڪ هفتي اندر چورين ۽ ڦرن جا ڪيترائي وارداتون ٿي چڪيون آهن پر حد جي پوليس اگهور ننڍ ۾ ستل آهي ۽ چورن لاءِ اوڏيرولال وليج ڄڻ جنت بڻيل آهي.