ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊو الهيار پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ڪري عورت سميت 5 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان س ۾ ڊاسوڙي پوليس ڳجھي اطلاع تي جھنڊو مري لڳ سکھ واٽر لڳ ھڪ عورت مسمات روبينا زال زال آمين محمد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 500 گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، جڏهن تہ ٻي پاسي چمبڙ پوليس ھڪ نوجوان عمران رند کي حراست ۾ وٺي 500 عدد گٽڪو ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، عمر ساند پوليس عثمان شاھ ھڙي لڳ ھڪ شخص نالي ذاڪر ولد محمد موسي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 450 عدد غير قانوني ماوو ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، جڏهن تہ ٻي پاسي ٽنڊوالھيار جي اي سيڪشن پوليس دوران گشت ھڪ نوجوان علي اصغر ولد محمد سچل جويو کي گرفتار ڪري سندس قبضي ھڪ عدد پسٽل 10 عدد گوليون ۽ ھڪ عدد 125 ھنڊا موٽر سائيڪل ھٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري جيل روانو ڪيو.