خيرپورناٿن شاھ(ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي وچ شهر ۾ هڪ جنوني شخص ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار امتياز لانڊر کان سرڪاري هٿيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ڪرڻ تي جنوني شخص پوليس اهلڪار امتياز لانڊر کي ڪن ۾ چڪ هنيو ۽ وردي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو، پوليس اهلڪار جي رڙين تي ٻه ٻيا پوليس اهلڪار ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جنوني شخص سروٽا هڻي ڇڏائيندڙ ٻن پوليس اهلڪارن خالد سيال ۽ شمن چانڊيو کي سروٽا هڻي زخمي ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهرين پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جن مٿان جنوني شخص شهرين کي سروٽا ۽ پٿر هنيا جنهن جي نتيجي ۾ واٽهڙو هڪ شخص نالي شاهنواز لغاري ۽ عورتن سميت ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿي پيا، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس ڊوڙائي ڊوڙائي ان جنوني شخص کي شهباز ڪالوني مان گرفتار ڪري ورتو، جنوني شخص آزاد چانڊيو نالي سان سڃاڻپ ٿي، هوڏانهن زخمي ٿيل هڪ اهلڪار امتياز لانڊر کي لاڙڪاڻا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار شخص جي پيء لعل بخش چانڊيو رابطي تي ٻڌايو ته منهنجي پٽ آزاد جو ذهني توازن درست ناهي ان جو اعلاج هلندڙ آهي هن ٻڌايو ته آزاد پهرين فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو ڪجھ سالن کان پوء ان کي ميڊيڪل تحت فوج جي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو هيو هو پنهنجي وس ۾ ناهي، جڏهن آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.