اڏيرولال (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي اڏيرولال اسٽيشن جي وارڊ 2 ۾ رهندڙ دوست علي ڀٽي جي ڪنهن به واهر نه ڪئي، برسات ۾ گهر ڊهڻ سبب ريلوي پٽڙي تي بي يارو مددگار ويٺل آهي، ان حوالي سان دوست ڀٽي ٻڌايو ته برسات سبب الهه تلهه ختم ٿي ويو،  گهر ڊهي پيا آهن، اڳ ۾ ڪاري سائي جي مرض ۾ مبتلا هئس، برسات سبب ويتر وڌيڪ بيمار ٿي پيو  آهيان، هن چيو ته کليل آسمان هيٺ ريل جي پٽڙي تي ويٺا آهيون، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.