پيارواسٽيشن (ن پ ا ) سگا شاخ پيارواسٽيشن پاران  مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سهڪار سان ڳوٺ ٻڍو پنهور ۾ خيرپورناٿن شاھ جي نانگڻ لڌاڻ سارنگ پنهور ۽ فتح پور مان لڏي آيل ٻوڏ متاثر ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پياروڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ  موبائيل ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 187 مريضن کي چڪاسي ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون. ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر محمد قاسم کوسو،عاقب ملڪ، منور چانڊيو گڊو مڱڻھار، رزاق حسين پنهور،نياز الاهي ابڙو۽ ٻين خدمتون سرانجام ڏنيون.