لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) نئون ديرو پوليس علي محمد وانڍ واري علائقي ۾ بغير شناختي دستاويزن جي پرڏيهي شهري کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو آصف رضا بلوچ ٻڌايو ته گرفتار پرڏيهي جاچ دوران پنهنجو

نالو سحر گل ولد هزار گل ذات علي خيل ۽ افغانستان جي شهر لقمان جو رهواسي ٻڌايو آهي، جنهن مٿان سرڪار طرفان گناهه نمبر 2022/79 قلم 14-4/3 فارينر ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري کانئنس جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن پرڏيهي جا ٻيا به ساٿي ڪٿي ترسيل هوندا ته انهن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.