اڏيرولال (ن پ ا) اڏيرولال لڳ ڳوٺ فيض آباد وٽ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ کيسانا واهه کي روڻيون پئجي ويون، ڪنهن به وقت واهه ٽٽڻ جو خطرو، واهه ٽٽڻ سبب سوين ڳوٺ ٻڏي سگهن ٿا، ان ڏس ۾  ڳوٺ فيض آباد جي رهواسين پاران ايريگيشن عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڳوٺاڻن فيض محمد جت، رمضان جت، عثمان جت ۽ ٻين دانهيندي چيو تبرساتن بعد کيسانا واهه کي روڻيون پئجي ويون آهن.   واهه کي پيل روڻين بابت ايريگيشن جي عملدارن کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر تدارڪ ناهي ٿيو، واهه کي روڻيون پوڻ سبب ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي،  روڻيون بند ڪرايون وڃن.